شاعريءَ جو سجدو

شاعريءَ جو سجدو

شاعريء جو سجدو

شاعريءَ جو سجدو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب جديد سنڌي شاعريءَ جي باني شيخ اياز جي دعائيه شعرن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ شيخ اياز جون اهي دعائون شامل آهن، جيڪي هن زندگيءَ جي آخري حصي ۾ لکيون. هن دعائيه شاعريءَ لکڻ تي جيتوڻيڪ کيس ادبي دنيا ۾ تنقيد جو نشانو به ٿيڻو پيو، پر شيخ اياز جون هن قسم جون دعائون سنڌي ادب ۾ ڪافي انفراديت رکن ٿيون. 124 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب کي سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي جون 1998ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 20 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو